دودو پير قبرستان

دودو پير قبرستان: پير قبرستان'>دودو پير قبرستان تيرهين چوڏهين صدي عيسويءَ جو آهي. هيءُ مقام آدم پير کان ٽي ميل ڏکڻ- اوڀر ڇبيچي سرڪل، ضلعي لسٻيلي ۾ آهي. هڪ ٽڪريءَ مٿان دودي پير جي چوکنڊي ٺهيل آهي.
هي آدم پير جو سوٽ ۽ ڀيڻويو هو. سندس پيءُ جو نالو باجڪ ۽ ڏاڏي جو نالو اسب هو. روايتن پٽاندر هن کي روحاني راز حاصل هو، پر ماڻهن سان گھٽ ملندو هو ۽ تنهائي پسند هو. ان ڪري سندس وفات کانپوءِ به سندس ڀرسان ڪا به قبر نه ٺاهي وئي. باقي قبرستان مزار جي اتر ۾ ڪجهه پنڌ تي موجود آهي. هن قبرستان ۾ 5 قبرون پٿر جي اڪر سان موجود آهن، جن تي ڪتبا نه آهن. هتي بلوچن سان گڏ لس ٻيلي جا سنڌي به پنهنجا مڙدا پورين ٿا.


لفظ دودو پير قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو